ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڪري، اڄ پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 97 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 58 اڏامون رد ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪراچي کان دوحا، دبئي، شارجه، ابوظهبي ۽ بحرين لاءِ 25 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 13 اڏامون هلائڻ جو امڪان آهي. لاهور کان ابوظهبي، دبئي، دوحا ۽ شارجه لاءِ 22 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 7 اڏامون هلائڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح اسلام آباد کان دبئي، ابوظهبي، دوحا ۽ شارجه لاءِ 26 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 16 آپريشنل آهن. پشاور کان شارجه، ابوظهبي، دبئي، راس الخيمه لاءِ 10 اڏامون رد ڪيون ويون آهن جڏهن ته 6 متوقع آهن. سيالڪوٽ کان دوحا، دبئي ۽ شارجه لاءِ 5 اڏامون رد ڪيون ويون آهن جڏهن ته 4 آپريٽ ٿي رهيون آهن. ملتان کان شارجه، دبئي، ابوظهبي ۽ دمام لاءِ ڇهه پروازون، جڏهن ته فيصل آباد کان دبئي ۽ شارجه لاءِ ٽي اڏامون رد ڪيون ويون آهن ۽ چار هلائي رهيون آهن. پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن منسوخ ٿيل پروازن جو تعداد 8 ڏينهن ۾ 1,300 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هڪ هفتي ۾ وچ اوڀر ڏانهن منسوخ ٿيل پروازن جو تعداد 27,600 تائين پهچي ويو آهي.ان دوران، دوحا ايئرپورٽ هڪ هفتي کان پوءِ اڄ کان شروع ٿيندڙ فلائيٽ آپريشن جي جزوي بحالي جو اعلان ڪيو.










