جنگ بندي ختم، اسرائيل پاران غزه تي حملا شروع،32 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ 7 ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج غزه تي حملا شروع ڪري ڇڏيا.غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي 24 نومبر تي شروع ٿي هئي، جنهن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي هئي ۽ جنگبندي جمعي جي صبح بغير ڪنهن واڌ جي ختم ٿي وئي. عرب ميڊيا موجب غزه ۾ 7 ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿيڻ کانپوءِ اتر غزا ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. فلسطين جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن غزه تي هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. فلسطيني ميڊيا موجب اسرائيلي فوج خان يونس جي اوڀر واري علائقي ۾ بمباري ڪئي ۽ غزه جي اولهه واري علائقي ۾ به بمباري ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسرائيلي جاسوس جهاز غزا مٿان هيٺاهين اڏام ڪري رهيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر غزا جي علائقي جباليا ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته غزه جي مختلف علائقن ۾ سخت ڇڪتاڻ جاري آهي.اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جمعي جي صبح غزه مان هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو، جنهن کي اسرائيلي فوج ٽريڪ ڪري ورتو، جڏهن ته راڪيٽ حملي کانپوءِ علائقي ۾ سائرن پڻ وڄايا ويا.اسرائيلي فوج جمعي تي هڪ بيان ۾ چيو ته هن غزه جي پٽي ۾ حماس خلاف فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اسرائيل مزاحمتي گروپ تي به الزام هنيو آهي ته هو معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيلي علائقي ۾ فائرنگ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو