جنگي تياريون تيز ڪرڻ جو حڪم، آمريڪي جارحيت کي منهن ڏبو،ڪم جونگ

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن فوج کي جنگي تياريون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جونگ اُن پاران هٿيار ٺاهيندڙ ادارن ۽ جوهري هٿيارن جي شعبي کي پيداوار وڌائڻ ۽ جنگي تياريون تيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. اتر ڪوريا جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته جنگي تياريون وڌائڻ جو مقصد آمريڪا جي ڪنهن به جارحاڻي قدم کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ آهي.اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري جو چوڻ آهيته حڪمران جماعت جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪِم جونگ اُن جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا اهڙن سمورن ملڪن سان رابطا ۽ لاڳاپا وڌائيندو جيڪي موجودهه سامراجي قوت سان گڏ نه آهن ۽ خود مختيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو