جنسي زيادتي جي ڪيسن جي جاچ لاءِ خاص يونٽ ٺاهڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ جنسي زيادتي جي ڪيسن جي جاچ لاءِ اسپيشل يونٽ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس طارق سليم سيالڪوٽ ۾ اجتماعي زيادتي واري عورت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو. ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي هن چيو آهي ته عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس ناقص جاچ سبب ناڪام ٿيندا آهن، ڪيترن ئي ضلعن ۾ اينٽي ريپ ايڪٽ تحت اسپيشل يونٽ قائم نه ڪيا ويا آهن.جسٽس طارق سليم چيو ته اسپيشل يونٽ ۾ عورت پوليس آفيسر هجڻ ضروري آهي، ٻارن جي ڪيسن ۾ عورت پوليس آفيسر جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندي آهي.هن چيو ته جنسي زيادتي جي ڪيسن جي به ٻين ڪرمنل ڪيسن وانگر جاچ ٿيڻ جي ضرورت آهي.جسٽس طارق سليم چيو ته شاهديون ليبارٽري موڪلڻ ۾ دير يا وقت تي علاج نه ٿيڻ سان ڪيس ڪمزور ٿيندو آهي جنهن جو فائدو جوابدارن کي ٿيندو آهي.عدالت عورت جي درخواست ڊي پي او سيالڪوٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو