جناح هائوس ڪيس،اسد، عليما ۽ عظميٰ خان جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس جلسو ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر، پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن عليما خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس گهيرو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيو آهي، جي آءِ ٽي ٽنهي جوابدارن کي بيگناهه قرار ڏئي چڪي آهي، پوليس جاچ لاءِ ٽنهي کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي، عليما خان واقعي واري هنڌ تي موجود هئي. جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ عليما خان ۽ عظميٰ خان کي نامزد ناهي ڪيو ويو، بيان ڏنا وڃن جن جي روشني ۾ اسان کي ڏوهه قرار ڏنو ويو.جاچ آفيسر چيو ته اسان انهن کي 161 جا سمورا بيان ڏيکاريندا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو