جناح هائوس حملو ڪيس: جوابدارن جو جيل ۾ ٽرائيل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) جناح هائوس تي حملي واري ڪيس جو ٽرائيل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت جناح هائوس حملي جي جوابدارن جو جيل ۾ ٽرائيل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سمورن جوابدارن جو ٽرائيل سينٽرل جيل لاهور ۾ ٿيندو.نوٽيفڪيشن موجب عسڪري ٽاور تي حملا، شادمان ٿاڻي تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جو ٽرائيل به جيل ۾ ٿيندو. پراسيڪيوشن جوابدارن جي خلاف چالان مڪمل ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.جناح هائوس حملي ڪيس جي اسپيشل پراسيڪيوٽر فرهاد علي شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جوابدارن جو انگ وڌيڪ آهي، ايتري وڏي انگ ۾ جوابدارن کي روزاني جيل مان عدالت آڻڻ ۽ واپس وٺي وڃڻ مشڪل ڪم آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته جوابدارن جو ٽرائيل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اي ٽي سي رولز جي تحت ڪيس جي ٻڌڻي روزاني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو