مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي بلوچستان جو لانگ مارچ جيڪو ڪوئيٽا کان اسلام آباد لاءِ نڪتل هو ان کي پوليس مظفر ڳڙهه ۾ روڪيو، لانگ مارچ جا شرڪت ڪندڙ اڄ صبح لورالائي کان نڪتا ۽ ڊيرا غازي خان ذريعي ملتان وڃي رهيا هئا، جتي پوليس لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي روڪيو. پوليس جماعت اسلامي بلوچستان جي ٻن نائب اميرن سميت 11 ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو آهي.واضح رهي ته جماعت اسلامي بلوچستان جو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ٻه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا کان صوبائي امير جماعت اسلامي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر مولانا هدايت الرحمان بلوچ جي اڳواڻي ۾ نڪتو هو.










