ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته رپورٽون ملي رهيون آهن چالان کان بچڻ جي لاءِ جعلي نمبر پليٽن جو استعمال شروع ٿي ويو آهي، شهر ۾ جعلي نمبر پليٽن جي خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ڪري رهيا آهيون.سي پي ايل سي چيفس ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم چيو ته جڏهن کان اي چالان شروع ٿيا آهن. ٽريفڪ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، هينئر تائين تقريبن هڪ لک چالان ٿي چڪا آهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته چالان کان بچڻ جي لاءِ جعلي نمبر پليٽن جو استعمال شروع ٿي ويو آهي. جعلي نمبر پليٽن جي استعمال خلاف 19 ڊسمبر کان وڏي مهم شروع ڪري رهيا آهيون انهي مهم ۾ ايڪسائيز کاتو به اسان سان گڏ هوندو.ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم چيو ته اهم روڊن تي ايڪسائيز جو عملو مقرر هوندو، ٽيمپرڊ نمبر پليٽ تي گاڏي به بند ٿيندي ۽ ڪيس به داخل ڪيو ويندو.










