جعلي مقابلي ۾ نوجوان قتل: پوليس اهلڪار جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي پوليس مقابلي ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس اهلڪار عبدالقادر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت ٽرائل ڪورٽ کي 2 مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پبلڪ پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪيس ۾ هن وقت تائين 7 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن، ماتحت عدالت 4 ڀيرا جوابدار پوليس آفيسر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي، جوابدار پوليس آفيسر جعلي پوليس مقابلي ۾ ملوث آهي.جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار 2 سالن کان جيل ۾ آهي، ٻيا شريڪ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيا آهن، جوابدار عبدالقادر سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي.پراسيڪيوشن چيو ته پوليس اهلڪارن تي نوجوان کي 2021 ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو الزام هو.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته اهلڪارن منهنجي پٽ کي جهيڙي بعد زخمي ڪيو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال وڃڻ نه ڏنو، گهڻو رت وهڻ سبب منهنجو پٽ فوت ٿي ويو.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن خلاف نئون ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو