جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) بينڪنگ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائوٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.فاروق نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته جن جوابدارن کي نوٽيس مليا هئا اهي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا آهن پر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس نه مليا آهن.عدالت فاروق نائيڪ جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن کي 19 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو