اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پنهنجي خلاف ريفرنس تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي چئلينج ڪري ڇڏيو.جسٽس مظاهر نقوي ڪارروائي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو. جسٽس مظاهر نقوي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي.داخل درخواست ۾ جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان مليل نوٽيس کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ غير قانوني قرار ڏيڻ جي به درخواست ڪئي آهي.جسٽس مظاهر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليه جي آزادي تي حملو آهي.هنن موقف اختيار ڪيو ته جڊيشل ڪائونسل منهنجي اعتراضن کي ڏسڻ کانسواءِ وڌيڪ ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو.جسٽس مظاهر درخواست ۾ چيو آهي ته جڊيشل ڪائونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري منهنجي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.جسٽس مظاهر پنهنجي درخواست ۾ چيو ته کيس ٽيڪس اختيارين طرفان اثاثن بابت ڪڏهن به نوٽيس ناهي مليو.جسٽس مظاهر نقوي طرفان درخواست ۾ وفاق، رياست جي صدر ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي.
