جسٽس مظاهر پاران جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي وڪيل خواجا حارث جي ذريعي آئيني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ هن جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي دوران پنهنجي خلاف جاري ڪيل ٻن شوڪاز نوٽيس کي به عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي.جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي درخواست ۾ ڪائونسل جي ڪارروائي ۽ گذريل ٻڌڻي تي جاري ڪيل تفصيلي نوٽيس کي چئلينج ڪيو، جنهن ۾ کيس 10 الزامن جو جواب طلب ڪيو ويو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته جڊيشل ڪائونسل سندس طرفان ججن تي اعتراضن تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، ٻيو شو ڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ اعتراضن جو فيصلو ڪرڻ ضروري هو. جسٽس مظهر نقوي درخواست ڪئي ته ڪيس کليل عدالت ۾ هلايو وڃي ۽ شوڪاز نوٽيس ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو