جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ مٿس اثاثن جا الزام لڳايا ويا، جڏهن ته سندس هڪ مبينا آڊيو به سامهون آيو، جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي اڄ ڪائونسل ۾ پنهنجو تفصيلي بيان ڏنو. ان حوالي سان جواب جمع ڪرايو ويو.جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي لاءِ پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو