جسٽس مظاهر جو جواب ڏيڻ کان انڪار، ميمبرن تي اعتراض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان موڪليل شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران پاڻ ئي ڪائونسل تي اعتراض اٿاريا 27 آ ڪٽوبر تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ريفرنس تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 10 نومبر تائين جواب طلب ڪيو ويو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران پاڻ ئي ڪائونسل جي قيام تي اعتراض اٿاريو آهي.ذريعن موجب جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي اعتراض اٿاريا.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ريفرنسز ۽ ثبوتن جو سمورو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جسٽس مظاهر نقوي جو چوڻ آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جا ميمبر مون سان تعصب رکندڙ آهن،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو حصو آهن، آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جا ميمبر منهنجي خلاف عدالتي ڪميشن جو حصو نه بڻجن، انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ چيف جسٽس فائز عيسيٰ عيسيٰ ۽ جسٽس نعيم افغان کي منهنجي خلاف ڪائونسل جو حصو نه بڻايو وڃي.جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته متعصب سپريم جڊيشل ڪائونسل پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس به تعصب آهي جنهن جو جواب نٿو ڏئي سگهجي،سپريم جوڊيشل ڪائونسل صرف اڪثريت سان صدر کي حتمي راءِ موڪلي سگهي ٿي،جج خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي اتفاق راءِ سان ئي ممڪن آهي، آئين سپريم جڊيشل ڪائونسل کي قانون ٺاهڻ جي اجازت نٿو ڏئي، چيف جسٽس ۽ جسٽس سردار طارق اڳ ئي جڊيشل ڪائونسل رولز کي غير آئيني قرار ڏئي چڪا آهن،هن پنهنجي اعتراض ۾ چيو ته ٻن ججن شو ڪاز نوٽيس ۾ موقف تبديل ڪرڻ جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايتن تي بحث ٿيو ۽ ڪنهن کان به معلومات نه ورتي وئي،جسٽس سردار طارق ڪيس ۾ وڪيل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ثبوت طلب ڪري ورتا، منهنجي ڪيس ۾ شڪايت ڪندڙ کي نه سڏيو ويو ۽ نه ئي وڌيڪ معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو، مون کي اهو موقعو نه مليو جيڪو جسٽس سردار طارق کي ڪائونسل طرفان ڏنو ويو هو،جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي اهو به چيو ته شو ڪاز نوٽيس ۾ ڪو به الزام ناهي لڳايو ويو، شو ڪاز بابت 10 شڪايتن ۾ بي بنياد الزام آهن جن جو ڪو به ثبوت ناهي، منهنجو اهو چوڻ صحيح آهي ته منهنجي خلاف ڪارروائي سياسي بنيادن تي ٿي رهي آهي، منهنجي خلاف ڪارروائي غير قانوني ۽ نامناسب آهي.سندس چوڻ آهي ته جسٽس سردار طارق مسعود منهنجي خلاف ريفرنس تي قانوني راءِ ڏئي چڪو آهي.جسٽس عرفان سعادت جي حلف برداري واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جسٽس سردار طارق مسعود منهنجي باري ۾ طنزيه انداز ۾ ڳالهايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پنهنجي ريفرنس ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سردار طارق پاڻ کي الڳ الڳ اعتراض واري نقطي تي چيو هو ته منهنجي خلاف سموريون شڪايتون بي بنياد ۽ مفروضن جي بنياد تي رد ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو