اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جسٽس عرفان سعادت خان کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.جڊيشل ڪميشن طرفان جسٽس عرفان سعادت کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش اتفاق راءِ سان ڪئي وئي. جڊيشل ڪميشن جسٽس عرفان سعادت جو نالو حتمي منظوري لاءِ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
