جسٽس ستار جي خاندان جي معلومات ليڪ ڪرڻ تي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس بابر ستار جي خاندان جي ڳجهي معلومات ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اٽارني جنرل آفيس، ايف آءِ اي، آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ پيمرا کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته سمورن ادارن کي آگاهه ڪري رپورٽ طلب ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو