جسٽس بابر آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿئي، درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چئن ادارن جسٽس بابر کان آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي.پيمرا، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪندي چيو ته هن ڪيس جي ٻڌڻي اهوئي بينچ اڳيان وڌائي جيڪو پهريان انهي نوعيت جي ٻئي درخواست تي 2121 ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ان کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني 2021 ۾ ساڳئي نوعيت جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هاڻ اختلافي فيصلي کان بچڻ جي لاءِ انصاف جي گهرج اهائي آهي، بشريٰ بي بي ۽ نجم الثاقب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس بابر ستار ساڳئي ڪيس کان ڌار ٿي ويندو. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيمرا چيئرمين ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿي چڪو آهي. پر اڃان تائين ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو