اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان ججن خلاف شڪايتن واري معاملي تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 11.30 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي ۽ ٻين ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايتون داخل ڪيون ويون هيون.چيف جسٽس آف پاڪستان کانسواءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن.
