عدليا ۾ مداخلت، سپريم ڪورٽ پاران 7 رڪني بينچ تشڪيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو.اسلام آباد جي پرنسپل سيٽ تي موجود سمورن ججن تي ٻڌل بئنچ ججن جي خط جي معاملي تي جوڙي وئي آهي، 7 رڪني بينچ جي سربراهي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪندو،7 رڪني بئنچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ خان آفريدي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان بينچ جو حصو هوندا،.سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي خط جي ٻڌڻي اربع تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو