ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايئرپورٽ تان آف لوڊشيڊنگ ڪيس ۾ وڪيل جبران ناصر ۽ سندس گهرواري اداڪارا منشا پاشا جي درخواست منظور ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جبران ناصر ۽ منشا جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جلد ئي لکت ۾ حڪم جاري ڪندي.وڪيل جبران ناصر پنهنجي درخواست ۾ چيو ته هو 27 جون 2023ع تي عيد جون موڪلون فيملي سان گڏ گذارڻ وڃي رهيو هو، جڏهن هو اميگريشن ڊيسڪ تي پهتو ته کيس ايگزٽ اسٽيمپ سان واپس موڪليو ويو.جبران ناصر موجب ڊيوٽي تي موجود آفيسر خان چيو ته هدايت آهي توهان کي وڃڻ نه ڏيو، اسان جو سمورو سامان به آف لوڊ ڪيو ويو آهي.جبران ناصر عدالت کي ٻڌايو ته پهرين جون تي 10 کان 15 نامعلوم ماڻهن کيس اغوا ڪيو، سندس اغوا جو ڪيس ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کي اي ڪلاس جو درجو ڏنو ويو، کيس ملڪ ڇڏڻ کان روڪڻ وارو عمل غير قانوني قرار ڏنو وڃي. درخواستگذار جبران ناصر عدالت کي استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي عملدارن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.
