جباليا، مغازي ۽ ٻين ڪيمپن تي حملا، 180 فلسطيني شهيد

غزه(ويب ڊيسڪ)نئين سال ۾ به غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جو سلسلو بند نه ٿيو، جباليه، مقزي، نصرت ڪئمپن تي اسرائيلي جهازن جي حملن ۾ وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب 2023ع ۾ فلسطينين کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، نئين سال جي پهرين ڏينهن صهيوني فوجن غزه تي بيراج حملا ڪيا، جڏهن ته خان يونس شهر ۾ خوفناڪ زميني ويڙهه جاري آهي.ان کان علاوه اسرائيلي فورسز رات دير سان غزا جي اوڀرندي ضلعي زيتون تي شيلنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا.رپورٽ موجب اسرائيلي فوج مرڪزي غزه ۾ مغزي ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي ڊرون پڻ ڪيرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا.جڏهن ته نصرت پناهگير ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي آپريشن دوران ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ اسرائيل طرفان گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل حملن ۾ وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر کان جاري جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ وڌي 22 هزار ٿي ويو آهي.اسرائيلي فوج سڄي سال غزه ۾ جنگ جاري رکڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو