سکر (ن س) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ٽنهي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته 11 ڏينهن اڳ صحافي جان محمد مهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.
