تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت

تيز رفتار وين جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثي ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا. گلشن حديد لنڪ روڊ تي هڪ وين موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي کان پوءِ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس وين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس فوت ٿيلن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي ياد رهي ته هن سال شهر ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 89 تائين پهچي ويو آهي، جنهن سان ڳري گاڏين سان ٽڪرائجڻ ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 23 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو