توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيلن تي 23 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس جمال مندوخيل بينچ جو حصو هوندا.تحريڪ انصاف جي چيئرمين 3 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي جج همايون دلاور کي ملتوي ڪندي واپس موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو