اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.نوازشريف جي خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف عدالت جي آڏو پيش ٿيو. نوازشريف سان گڏ احسن اقبال، طارق فضل چوڌري سميت ٻيا ن ليگي اڳواڻ ۽ وڪيلن جي ٽيم به گڏ هئي.عدالت ۾ نوازشريف جي ضمانتي جي طور تي(ن) ليگي اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل سياسي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي احتساب عدالت جي جج وڪيل قاضي مصباح کي سياسي دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نوازشريف جي ضمانت منظور ڪندي 10 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي ڪاپيون ورهايون وينديون. ٻئي پاسي ملڪيت ضبطگي جي درخواست تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 20 نومبر تي دليل طلب ڪري ورتا.نوازشريف جي پيشي جي موقعي تي احتساب عدالت جي ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. احتساب عدالت ۾ صرف لاڳاپيل وڪيلن ۽ صحافين کي داخل ٿيڻ جي اجازت هئي.
