اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ اٽڪ جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سزا خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ طرفان وڪيل سردار لطيف کوسا، سلمان اڪرم راجا، بابر اعواڻ، بئريسٽر گوهر، شعيب شاهين ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان به عدالت ۾ موجود هئا.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز عدالت ۾ پيش نه ٿيو، معاون وڪيل چيو ته امجد پرويز جي صحت انتهائي خراب آهي، ان ڪري پيش ٿي رهيو آهيان.معاون وڪيل امجد پرويز چيو ته اهڙيون حالتون ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿيون، لطيف کوسا چيو ته نه ائين ڪنهن سان نٿو ٿي سگهي، ڪالهه بيمار هو پر آيو آهيان، چيف جسٽس چيو ته هي انتهائي غلط قدم آهي، لطيف کوسا چيو ته هي سينيئر وڪيل به آهن ۽ پاور آف اٽارني به آهي، اليڪشن ڪميشن جا پنهنجا وڪيل آهن.لطيف کوسا چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي رڳو مدد ڪرڻي آهي، باقي توهان الله کي جوابده آهيو، هڪ شخص 20 ڏينهن کان اندر بيٺو آهي.عدالت چيو ته جمعي تي ڪو به ڊويزن بينچ ناهي، اسان ان ڪيس لاءِ ئي ڪيس رکيو آهي، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو، پوءِ مان توهان جي عدالت ۾ نه ايندس.لطيف کوسا چيف جسٽس سان ڳالهائيندي چيو ته هو سزا معطل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، جيل ۾ انسان جي زندگي گهري رهيا آهن.لطيف کوسا چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته خدا هن اداري کي اهڙو نه بڻائي ته توهان جا ماتحت توهان جي ڳالهه نه ٻڌي.چيف جسٽس چيو ته ٽرائل ڪورٽ ڇا غلط ڪيو؟ لطيف کوسا چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته هن ڪيس ۾ مسئلا آهن، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪرڻو آهي ۽ فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي.ان سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
