راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.احتساب عدالت جي جج توشه خانه جي نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ باني چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو 8-8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.احتساب عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ 22 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي هئي.اڄ لاهور پوليس جي 11 رڪني ٽيم به جاچ جي لاءِ اڊيالا جيل پهتي هئي جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.










