خان جي فيصلي خلاف اپيل واپس وٺڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ريفرنس جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي اپيل رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.اليڪشن ڪميشن 21 آڪٽوبر 2022 تي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.ان فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي باني گذريل سال 28 آڪٽوبر تي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب اپيل واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين اپيل واپس وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ 13 سيپٽمبر تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو