اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تربيلا ڊيم جا اسپل وي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، تربيلا ڊيم جا اسپل وي اڄ ڏينهن 12:30 وڳي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊيم جا اسپل وي کولڻ کان پوءِ پاڻي جو وهڪرو 250,000 ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.اين ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته سنڌو درياءَ سان ملحق علائقن جا رهواسي پاڻي جي رستن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن، جڏهن ته ان حوالي سان سڀني لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو آهي.اين ڊي ايم اي موجب، هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي محتاط رهڻ گهرجي ۽ مقامي انتظاميا سان تعاون ڪرڻ گهرجي.










