تحريڪ انصاف جي سياست تي اعتراض آهي, شرجيل ميمڻ

تحريڪ انصاف جي سياست تي اعتراض آهي, شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته صحافت تيزي سان تبديل ٿي رھي آَھي ۽ ھاڻي ھي رڳو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين محدود ناھي رھي، سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته صحافي کي جديد بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ صحافي برادري سان ھر ممڪن سھڪار ڪيو ويندو. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب پهتو، پريس ڪلب اچڻ تي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري اسلم خان ۽ باڊي جي ٻين عھديدارن ۽ ميمبرن سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي شاندار آجيان ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عھديدارن صدر فاضل جميلي ۽ جنرل سيڪريٽري اسلم خان جي سربراھي ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي پريس ڪلب جي عھديدارن پريس ڪلب آمد تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جا ٿورا مڃيا ۽ درپيش مسئلن بابت آگاھي ڏني. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪلب جي عھديدارن کي مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران گفتگو ڪندي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊجي آيل باڊي کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي ۽ جڏھن به صحافين کي مدد جي ضرورت پئي، سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي، صحافي تنظيمن ۽ صحافين سان گڏ بيٺل رھي. سندس چوڻ ھو ته ملڪي تاريخ گواھ آھي ته جمھوريت جي جدوجھد ۾ پيپلز پارٽي ۽ صحافي سدائين گڏ گڏ رھيا آھن، ھاڻي به خواھش آھي ته اڄ ۽ سڀاڻي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ھر شعبي ۾ تاريخي ڪم ڪيا آھن، خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا ويا آھن، سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪنهن مريض جو شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائل ناھي ڏٺو ويندو ۽ لکين رُپين جي ماليت جي علاج مفت ڪيو ويندو آھي. سندس چوڻ ھو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي پھرين ترجيح عوام جي صحت کي يقيني بڻائڻ آھي ۽ سنڌ جي جديد ترين اسپتالن ۾ پوري پاڪستان کان ايندڙ شھرين کي بنا ڪنهن فرق جي مفت ۾ علاج جي سھولت ڏني ويندي آھي، دُنيا جي رڳو ڪجھ ملڪن ۾ سائبر نائف ذريعي علاج جي سھولت به رڳو سنڌ ۾ مفت ڏني پئي وڃي. ھن چيو ته صحافين جي انقلابي قدم کنيا پيا وڃن، ڪراچي کان بعد حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ به اھڙيون ڪوششون ڪيون وينديون. ھن چيو ته صحافين جي حقن جو تحفظ حڪومتن جي ذميواري آھي ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ ھجي يا نه پر سدائين اظھار راءِ جي آزادي جي لاءِ جدوجھد ڪئي آھي، صحافين جي مستقبل ۽ ڪيريئر محفوظ بڻائڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري عورتن جي لاءِ پنڪ بسون ۽ ماحول دوست اي وي بسون متعارف ڪرايون ويون آھن ۽ جيڪي عورت صحافي ڊرائيونگ لائسنس جمع ڪرائينديون اُنهن کي باقاعده ٽريننگ ڏني ويندي ۽ کين ڏھن ڏينهن جي اندر مفت اسڪوٽيز ڏنيون وينديون. سنڌ حڪومت ٽنڊو الھيار، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪري رھي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھڪ صوبي جي وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ خيبر پختونخواه جي وڏي وزير کي سنڌ ۾ ڀليڪار چيو ويندو، سنڌ مھمان نوازن جي ڌرتي آھي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رھندي کين مڪمل سڪيورٽي ۽ سھولتون فراھم ڪيون وينديون، ھن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جي طرز سياست، طالبان جو آفيسون کولڻ ۽ عمران خان جي حڪومتي دور ۾ دھشتگردن جي آزادي جھڙن معاملن تي شديد اعتراض آھن، ته اي پي ايس سانحو دُنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين واقعو ھو، بنون جيل جي ٽٽڻ جھڙن واقعن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر مھمان نوازي سنڌ جي روايت آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آھي ۽ ڪچي جي علائقي ۾ سنڌ پوليس اثرائتا آپريش ڪيا آھن. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي سياسي سرگرمين جو حق آھي، سنڌ حڪومت ڪنهن کي به نه روڪيندي، ڏڦيڙ، نفرت انگيزي ۽ قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو