تاحيات نااهلي واري معاملي جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني بينچ تشڪيل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آرٽيڪل 62 ون ايف تحت سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاحيات نااهلي يا اليڪشن ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟،سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مير بادشاه قيصراني ڪيس ۾ تاحيات نااهلي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ 2 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.لارجر بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني لارجر بينچ سڀاڻي (2 جنوري) صبح 11.30 وڳي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو