تاحيات نااهلي واري قانون ۾ ترميم، معاونت لاءِ اي جي طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ تاحيات نااهلي جي قانون ۾ ترميم خلاف لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس شاهد بلال حسن شهري مشڪور حسين جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سموريون ڌريون 23 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائين. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو