بيٽ جي نشان بابت ڪميشن جي درخواست تي فيصلو محفوظ

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ضمني درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز خان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نظر ثاني جي استدعا ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪيو ڇو ته انٽرا پارٽي چونڊون پي ٽي آءِ صحيح طريقي سان نه ڪيون آهن.وڪيلن دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي سوال اٿاريا ويا ۽ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير آئيني آهي جڏهن ته سنگل بينچ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطل ڪيو. اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کان سواءِ حڪم امتناعي جاري ڪيو ويو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ان ۾ ڌر هو ان کي ٻڌو ئي نه ويو. وڪيل وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت هن ڪيس ۾ ڌر ئي نه آهي ۽ نه ان جو اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اليڪشن ڪميشن هڪ بااختيار ادارو آهي جنهن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي هن جيڪو رليف ڏنو اهو پورو فيصلو آهي ان کان پوءِ ڪجهه ناهي بچيو. اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کان سواءِ اهڙو فيصلو نٿو ڏئي سگهجي.ايڊووڪيٽ جنرل دليلن ۾ چيو ته اسان هن ڪيس ۾ ڌر نٿا بنجڻ چاهيون. اسان جي نگران صوبائي حڪومت آهي ۽ اسان جي لاءِ سموريون پارٽيون برابر آهن ان ڪري اسان جو ڪنهن به پارٽي سان ڪوبه تعلق آهي. اسان جو نالو ان مان مائنس ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو ته پوءِ اسان عدالتي مدد ڪنداسين.جسٽس اعجاز خان سوال ڪيو ته ڇا وفاقي حڪومت جو به ساڳيو ئي موقف آهي جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جي اسان جو به ساڳيو موقف آهي. جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو