بينچن جي جوڙجڪ ۽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي تجويزن لاءِ اجلاس طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پيٽروليم شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ کنيل قدمن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.دستاويز موجب آءِ ايم ايف هڪ لک 20 هزار ٽن پيٽروليم شين جي ماهوار اسمگلنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پيٽروليم شيم جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.دستاويزن موجب آءِ ايم ايف بارڊر تي ڪسٽم ايجنسي اهلڪار، فورسز جو انگ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اسمگلنگ سبب ڪسٽم ۽ ليوي جي مد ۾ 10 ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي ان لاءِ آءِ ايم ايف امڪان ظاهر ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي اسمگلنگ وڌڻ سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي سبب روينيو شارٽ فال ٿيندو.آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته ماهوار 143 ملين ليٽر پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪيو وڃي. آءِ ايم ايف طرفان ايف بي آر ۽ ناڻي واري وزارت کي ريونيو وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو