شيڊول اچڻ کانپوءِ تڪبندين تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي: عدالت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تڪ بنديون تبديل ڪرڻ جو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ڪوئٽه جي 2 صوبائي سيٽن تي تڪ بندين خلاف درخواست تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ تڪ بندين تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي اپيل به منظور ڪري ورتي.جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جو سڀني وڏو امتحان آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون شفاف ٿين جڏهن چونڊن جو شيڊول جاري ٿيندو ته سڀ ڪجهه رڪجي ويندو آهي. جيڪڏهن هن درخواست تي فيصلو ڏنو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻئي پٺيان درخواستون داخل ڪيون وينديون جيڪو اختيار قانون طرفان اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو آهي ان کي هاءِ ڪورٽ ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ تڪ بندين بابت سمورا ڪيس غير موثر ٿي چڪا آهي ڪنهن به انفرادي شخص کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پوري چونڊ عمل کي متاثر نٿو ڪري سگهي. اسان کي ان حوالي سان لڪير ڇڪي حد مقرر ڪرڻي آهي.وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود ريمارڪس ۾ چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سڀ ڇو چاهين ٿا ته چونڊون ڊگهيون ٿين. چونڊون ٿيڻ ڏيو.بلوچستان هاءِ ڪورٽ بلوچستان جي 2 صوبائي سيٽن شيراني ۽ زوب ۾ اليڪشن ڪميشن جي تڪ بندي تبديل ڪري ڇڏي هئي. اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو