بلوچستان، موسمياتي تبديلي کاتي جي گرانٽ ۾ واڌ

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلي جي شعبي لاءِ گرانٽ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.دستاويز موجب بجيٽ ۾ پي ڊي ايم اي جي گرانٽ ۾ 3.1 ارب رپيا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي بلوچستان جي بجيٽ ۾ پي ڊي ايم اي لاءِ 1.9 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.دستاويز موجب هلندڙ مالي سال دوران موسمياتي تبديلي واري شعبي جي غير ترقياتي بجيٽ جو حجم به وڌايو ويو آهي، موسمياتي تبديلي واري شعبي جي غير ترقياتي بجيٽ 49 مان وڌائي 90 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي.ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلي جي مد ۾ 11.5 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گرين بلوچستان انيشي ايٽو تحت 10 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو