بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي کي بحال ڪري ڇڏيو ۽ پي پي 51 چمن جي 12 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏيندي سمورن اميدوارن جي راضپي سان معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن سمورن اميدوارن کي ٻڌي 10 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙي ضابطي جي تحت اليڪشن ڪميشن 12 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر اليڪشن جو حڪم ڏنو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن 12 پولنگ اسٽيشنن کي ڏٺو پر ٻين کي نظر انداز ڪيو ويو.ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته جن 12 پولنگ اسٽيشنن تي وڌيڪ ٽرن آئوٽ جي درخواست ڪئي وئي صرف انهن کي ڏٺو. جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي ته سموري تڪ جي ٻيهر انڪوائري ڪرائڻ گهرجي ها. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري ها ته ماڻهن کي عدالت نه اچڻو پوي ها.جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو اسپيڪر جي معاملي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته سمورن اميدوارن کي ٻڌي 10 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو