بلنڪن جي اردوان ۽ ترڪ هم منصب سان ملاقات،ڳالهيون

استنبول: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن غزه جنگبندي کان پوءِ پنهنجي چوٿين دوري کان اڳ استنبول ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ هم منصب سان ملاقاتون ڪيون آهن.ترڪ اڳواڻن ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران غزه جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسان جو ڌيان غزه تڪرار پکڙجڻ کان روڪڻ تي آهي. تڪرار ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ترڪ ڌرين سان لاڳاپا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسرائيل ڇڪتاڻ ۾ اضافو نٿو چاهي پر اسرائيل کي پنهنجو دفاع ڪرڻو آهي.ٻئي طرف حماس اڳواڻ اسماعيل بنيه آمريڪي پرڏيهي وزير کي پيغام ڏيندي چيو ته بلنڪن اسرائيلي جارحيت ختم ڪرائڻ تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته اسرائيل لاءِ آمريڪي حمايت غزه ۾ ماڻهن جي قتل عام جو سبب بڻي آهي. اميد آهي ته بلنڪن گذريل 3 مهينن جي واقعن مان سبق سکندو.آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن غزه جنگ کان پوءِ چوٿون ڀيرو وچ اوڀر جو دورو ڪندو. پنهنجي دوري جي موقعي تي انتوني بلنڪن اردن، قطر، اسرائيل، مغربي ڪناري، مصر، سعودي عرب ۽ يو اي اي به ويندو جتي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو