بلديه فيڪٽري،رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي درخواست رد،صديقي بري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي موت واري سزا خلاف اپيلون رد ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ رئوف صديقي کي بري ڪري ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ داخل اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي موت واري سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن جي بريت خلاف حڪومتي اپيل به رد ڪري ڇڏي. عدالت رئوف صديقي، عبدالستار، اقبال اديب خانم ۽ عمر حسن جي بريت خلاف حڪومتي اپيل رد ڪري ڇڏي.ان کان علاوه سنڌ هاءِ ڪورٽ عمر قيد جي سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون. عدالت شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جون سزائون رد ڪندي جوابدارن جي عمر قيد جي سزا خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو