اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ ٻئي ڪيس ۾ علي وزير ۽ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ۾ ايمان مزاري ۽ علي وزير جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پراسيڪيوٽر طرفان راجا نويد پيش ٿيو، جڏهن ته شيرين مزاري مزاري جي نياڻي به عدالت ۾ پيش ٿي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري جي جلسي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، ايمان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رياستي آفيسرن غداري ڪئي آهي، ايمان مزاري جي تقرير جي يو ايس بي اڃا اچڻي آهي.ان دوران ايمان مزاري ۽ علي وزير جي وڪيلن عدالت ۾ ضمانت جي درخواست تي دليل ڏنا، جنهن تي عدالت ٻنهي جي 30، 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت طرفان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ايمان مزاري کي اڄ آزاد ڪرڻ جو امڪان آهي…ايڊووڪيٽ ايمان مزاري کي اڊيالا جيل ٻاهران هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته کيس باراڪهو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
