بشريٰ جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي کي بني گالا سب جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست بحال ڪري ڇڏي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشرا بي بي جي بحالي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ بحالي جي درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشرا بي بي جي بحالي لاءِ متفرق درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي حتمي دليل طلب ڪندي درخواست تي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو