بشريٰ بي بي ۽ کوسي جي آڊيو جو فرانزڪ ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي سينيئر وڪيل لطيف کوسا ۽ عمران خان جي گهر واري بشرا بي بي جي ليڪ ٿيل آڊيو جي فرانزڪ جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لطيف کوسا ۽ بشرا بي بي جي آڊيو ليڪ بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته آڊيو پهرين ڪٿي جاري ڪئي وئي.جسٽس بابر ستار چيو ته پيمرا ٻڌايو ته ماڻهن جون خانگي ڳالهيون ٽي وي چئنلز تي ڪيئن نشر ٿي رهيون آهن؟ جسٽس بابر ستار درخواست تي اعتراض ختم ڪندي پڇاڻو ڪيو ته درخواست تي رجسٽرار آفيس کي ڪهڙو اعتراض آهي؟لطيف کوسا چيو ته الڳ درخواست داخل ڪرڻ تي اعتراض آهي، توهان الڳ درخواست ڪيئن داخل ڪري سگهو ٿا؟ هڪ الڳ درخواست هڪ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ داخل ٿي سگهي ٿي، جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو ته بگ باس هر ڪنهن کي ٻڌندو آهي، توهان کي خبر هجڻ گهرجي، جسٽس بابر ستار جي لفظن تي عدالت ۾ ٽهڪ لڳي ويا،جسٽس بابر ستار پڇيو ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي لطيف کوسا چيو ته سڀني کي خبر آهي رڪارڊ ڪير ڪندو آهي، جسٽس بابر ستار چيو ته مفروضي تي نٿا هلي سگهن.لطيف کوسا چيو ته هي منهنجو نه پر سڄي ملڪ جي وڪيلن جو مسئلو آهي، جيڪڏهن وڪيل وڪيل سان آزاد نه ڳالهائي سگهندا ته انصاف جو نظام ڪيئن هلندو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪندي چيو ته وڊيو سوشل ميڊيا تي آئي آهي؟ جنهن تي لطيف کوسا چيو ته اهو آڊيو به سمورن ٽي وي چئنلز نشر ڪيو، جسٽس بابر ستار چيو ته اهو پهريون ٽوئيٽر (ايڪس) تي آيو يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟ جيڪڏهن اها خبر پوي ته رليز ڪٿي ٿي ته پوءِ خبر پئجي سگهي ته رڪارڊ ڪنهن ڪئي؟ لطيف کوسا چيو ته پيمرا ڪنهن جو نالو وٺڻ تي به اسڪرين بند ڪري ڇڏيندو آهي.ڪير به مون سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي چون ٿا اوهان جو فون محفوظ ناهي،جسٽس بابر ستار درخواست جي ڪاپي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ به رپورٽ ڏي ته آڊيو ڪنهن جاري ڪئي.عدالت بشرا بي بي ۽ لطيف کوسا جي آڊيو ليڪ واري معاملي تي ايف آءِ اي، پيمرا ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو