اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشرا بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.پي ٽي آءِ چيئرمين اڪيلا.ئي ۾ ملاقات واري درخواست ٻئي بينچ ۾ ڪئي وڃي،بشرا بي بي جي وڪيل چيو آهي ته جيترا به ڪيس اوهان وٽ لڳا انهن ۾ هڪ جهڙا فيصلا اچي رهيا آهن،اسان جي درخواست آهي ته اسان جا سمورا ڪيس ٻي بينچ ۾ لڳايا وڃن،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ان معاملي تي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان مڪمل طور تي نامناسب ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ائين نه ڪريو، پوءِ هن کي ڏسي ٿا وٺون،عدالت بشرا بي بي جي درخواست تي بار ڪائونسلن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت طرفان چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
