بشرا بي بي جي آواز ملائڻ واري درخواست منظور

اسلام آباد(بيورورپورٽ)توشه خاني جعلي رسيدن واري ڪيس ۾ عدالت، بشرا بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته جاچ آفيسر جي آواز جي ميلاپ جي درخواست به منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشرا بي بي خلاف توشه خانه جعلي رسيدن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ان موقعي تي بشرا بي بي وڪيلن سان گڏ جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ٿي.عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ايف آءِ اي بشرا بي بي جو آڊيو فارنزڪ لاءِ موڪليو آهي، بشرا بي بي جي گرفتاري گهربل آهي.ان موقعي تي وڪيل سلمان صفدر چيو ته بشرا بي بي کان 3، 3 ڪلاڪ جرح ڪئي وئي.جج طاهر عباس سپرا عدالت ۾ پڇاڻو ڪيو ته معاملو رسيدن جو آهي، آڊيو ڪٿان آئي؟جاچ آفيسر جواب ڏنو ته هن آڊيو ليڪ بابت بشرا بي بي کان پڇيو ته اها سندس آهي يا نه؟ هن چيو ته مون اهڙو ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، بشرا بي بي چيو ته ليڪ ٿيل آڊيو منهنجو ناهي.جاچ آفيسر بشريٰ بي بي جي آواز جي ميلاپ لاءِ وقت به طلب ڪيو، جيڪو عدالت قبول ڪري ورتو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي بشرا بي بي جو آڊيو فارنزڪ لاءِ موڪليو آهي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو