برطانيه ڏانهن اڏامن لاءِ پي آءِ اي تان پابنديون ختم

برطانيه ڏانهن اڏامن لاءِ پي آءِ اي تان پابنديون ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)برطانيه پاڪستاني ايئر لائنز تي ڊگهي عرصي کان لڳل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن.برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ايئر لائنز هاڻي برطانيه لاءِ پروازن لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿيون. برطانوي هاءِ ڪميشن موجب، ايئر لائنز کي پرواز لاءِ UKCAA کان اجازت وٺڻي پوندي.برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته حفاظتي فهرست مان ڪڍڻ هڪ آزاد ۽ ٽيڪنيڪل عمل هو.پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جو چوڻ آهي ته هوءَ پاڪستاني ايئر لائن سان پرواز ڪرڻ جي منتظر آهي، ۽ پاڪستان سان بهتر هوائي رابطا خاندانن کي ٻيهر ملائڻ ۾ مدد ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو