بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بجلي لوڊشيڊنگ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پيسڪو جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم خلاف قانون آهي.عدالت هدايت ڪئي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ کان متاثر ماڻهو نيپرا سان رجوع ڪن، قانون موجب نيپرا اٿارٽي ۽ ڊسڪوز خلاف ٽربيونل فورم قائم ڪري ڇڏيا آهن.سپريم ڪورٽ چيو ته هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل فورم جي موجودگي ۾ سڌو سنئون حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.پيسڪو جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پشاور هاءِ ڪورٽ لوڊشيڊنگ تي اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لوڊشيڊنگ سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، پيسڪو عملدارن خلاف ڪيس بنا جواز ڪارروائي ڪئي ويندي.جسٽس منيب اختر چيو ته هن ڪيس ۾ ڪيترائي ٽيڪنيڪل نقطا ٿي سگهن ٿا، عدالت نظرثاني ڪيئن ڪندي؟ جيڪي فيڊرز بحال نه ٿيا انهن جو ڇا ٿيندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو