باجوا ۽ فيض خلاف درخواست ڪاز لسٽ مان خارج

باجوا ۽ فيض خلاف درخواست ڪاز لسٽ مان خارج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ريٽائرمينٽ کانپوءِ هلندڙ ڪيسن جي ڪاز لسٽ ۾ قانوني رڪاوٽ ٽوڙڻ ۽ مختلف واقعن کي غلط بيان ڪرڻ بابت داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر هئي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سول شهري عاطف علي جي درخواست تي ٻڌڻي 28 نومبر تي ملتوي ڪري ڇڏي.جڏهن ته هاڻي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف داخل ڪيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ موجب ان درخواست جي ٻڌڻي ڪينسل قرار ڏيندي لسٽ مان خارج ڪيو ويو آهي.ڪيس جي اندراج لاءِ داخل درخواست تي هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي، قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد، صحافين جاويد چوڌري، شاهد ميتلا، پيمرا ۽ پريس ايسوسي ايشن آف پاڪستان کي به پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 آڪٽوبر تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 28 نومبر تي 3 ڏينهن اڳ جواب ۽ دفاعي دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ابتدائي ٻڌڻي کانپوءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو