اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گهرو وزارت پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي واري ڪيس ۾ عدالت کي ٻڌايو ته اڊيالا جيل تي دهشتگرد حملي جا اطلاع آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت طرفان پي ٽي آءِ باني کي سيڪيورٽي فراهمي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. گهرو وزارت طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي سيڪيورٽي جي فراهمي بابت جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جا اطلاع آهن، ادارن جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پهريون ٽارگيٽ راولپنڊي آهي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ اهم شخصيتن سميت فوجي ملڪيتون به دهشتگردن جي نشاني تي آهن، پاڪستان دشمن ملڪ ۾ سياسي افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ باني سميت هر شهري جي زندگي ۽ تحفظ رياست جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي، حفاظت ۽ امن امان صوبائي معاملو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو