اسلام آباد(بيورو رپورٽ)احتساب عدالت جي جج محمد بشير جو چوڻ آهي ته اڄ ٽرڪ لوڊ ذريعي نيب ڪيسن جو رڪارڊ اچي رهيو آهي.اها ڳالهه احتساب عدالت نمبر 1 جي جج محمد بشير نيب ڪيسن جي ريفرنس جي موقعي تي نيب ڪيسن جي لسٽ ڏسڻ کانپوءِ ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس نيب ڪيسن جي لسٽ احتساب عدالت کي موڪلي ڇڏي آهي.نيب پراسيڪيوٽر احتساب عدالت کي آگاهه ڪيو ته هو ڪجهه دير ۾ ڪيسن جو رڪارڊ پيش ڪندو.
