اپوزيشن جو بائيڪاٽ، حسينه واجد پنجون ڀيرو ڪامياب

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد گذريل ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پنجون ڀيرو ڪامياب ٿي وئي آهي.بين الاقوامي ميڊيا رپورٽس بنگلاديش جي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حڪمران پارٽي شيخ حسينه واجد عوامي ليگ چونڊون کٽي ورتيون آهن. رپورٽ موجب بنگلاديش ۾ ڪالهه ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ووٽنگ جو سيڪڙو گذريل عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو گهٽ رهيو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع ۾ ووٽنگ جو سيڪڙو 80 سيڪڙو هو جڏهن ته موجوده چونڊن ۾ رڳو 40 سيڪڙو ووٽنگ ٿي هئي.رپورٽ موجب ووٽنگ جي شرح ۾ گهٽتائي جو سبب سڀ کان وڏي مخالف جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) پاران چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ ووٽرن جي وڏي انگ اپوزيشن جي بائيڪاٽ مهم جي حمايت ڪئي، جنهن چونڊن کان اڳ حڪومت پاران وڏي ڪريڪ ڊائون ڏانهن ڌيان ڇڪايو.

پهنجو تبصرو موڪليو